ڀٽ جو شاهه- ڪتاب

ڀٽ جو شاهه- ڪتاب

ڀٽ جو شاھه

ڀٽ جو شاھه (ڪتاب ):انگريز عملدار، محقق ۽ دانشور ايڇ. ٽي. سورلي جي ڪتاب \\\"Shah Abdul Latif of Bhit\\\" جو سنڌي ترجمو، مشھور اديب عطا محمد ڀنڀري ”ڀٽ جو شاھه“ نالي سان ڪيو آھي. ھيءُ ڪتاب شاهه لطيف تي ٿيل تحقيق جي سلسلي جو ھڪ اھم ۽ بنيادي ڪتاب آھي. ھن ڪتاب ۾ شاهه جي ڪلام جي خوبين ۽ خاصيتن تي پنھنجي خاص نظريي سان روشني وجھڻ سان گڏ ايڇ. ٽي سورلي ان دور جي سياسي، سماجي ۽ معاشي تاريخ جي حوالي سان به وڏو مواد ڏنو آھي. ھي سنڌي ترجمو ڊيمي سائيز جي 621 صفحن تي مشتمل آھي. سرورق تي بدر ابڙي جي ٺاھيل
شاهه لطيف جي ٺاهيل خوبصورت مجسمي جو عڪس ڏنل آھي. هن ڪتاب جي ترجمي جي نظرثاني ۽ ايڊيٽنگ ڊاڪٽر فهميده حسين ڪئي آهي. ڪتاب جي پڪي جلد جي قيمت 105 رپيا آھي. جيڪو ڪتاب سنڌيڪا اڪيڊمي ڪراچيءَ، 1992ع ۾ ڇپائي پڌرو ڪيو. هن ڪتاب جو ٻيو ڇاپو پڻ ڇپيو آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو